محمد يعقوب سولنگي شهيد

محمد يعقوب سولنگي، شهيد: محمد يـعـقـوب سـولنگـيءَ ٺارو شاهه، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. مئٽرڪ تائين تعليم ٺارو شاهه مان حاصل ڪيائين. انٽر گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري حيدرآباد مان پاس ڪري سنڌ پوليس ۾ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر جي حيثيت سان ڀرتي ٿيو. اي.ايس.آءِ مان ترقي ڪندو انسپيڪٽر جي عهدي تي پهتو. هن پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ هميشه ڏوهارين خلاف ڪات ڪهاڙا کنيا. دادوءَ جي بدنام ڌاڙيلن حسن ڪاري، نورو چانڊيي، رانجهو ڪرڪلي، بچو رستماڻي، لائق اوٺي ۽ ابراهيم اوٺي ۽ ٻين جو بهادريءَ سان مقابلو ڪري ڪمانڊو جو لقب حاصل ڪيو. 11 جنوري 1992ع تي رات جو ڌاڙيل لائق چانڊيي ڏيڍ سؤ‍ ساٿين سان ڳوٺ لطف علي ڀنڊ، تعلقي دادوءَ تي ڪاهه ڪئي، ڳوٺاڻن ۽ محمد يعقوب سولنگيءَ بهادريءَ سان سندن مقابلو ڪيو. آخرڪار ڌاڙيلن جي گولين جو شڪار ٿي شهيد ٿيو. سندس جنازي ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. هڪ اندازي موجب شهيد جي مڙهه تي پنجن هزارن کان مٿي اجرڪو پيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1992.01.11  عيسوي

11 جنوري 1992ع محمد يعقوب سولنگيءَ ڌاڙيلن جي گولين جو شڪار ٿي شهيد ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سوامي موتيرام آشرم ۽ پنچائتي ٿلهو
رضوي سيد بلال شاهه
ڀائو محمد اسماعيل سيلرو
جان محمد ميمڻ ڊاڪٽر
پيرتقي شاهه
ابن خردازبه 2
بدر ڌامراهو
پريم چند منشي
پدمڻي ڪپيلا
حفيظ قريشي1
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون